ڇهالي ڪوڏين سان راند

ڇهالي ڪوڏين سان راند (ڇوڪرين جي هڪ راند): ڇوڪريون ڇهالي ۾ ڇهه ڪوڏيون کڻنديون آهن، پر ستالي ۾ ست ڪوڏيون کڻي راند ڪنديون آهن. انهن ۾ هڪ ڪوڏيءَ جا پٺا گسائي ٻه اکيون يا نشان ٺاهينديون آهن. ان ڪوڏيءَ کي ڌوڏر يا دائر يعني داءَ واري ڪوڏي سڏبو آهي. هيءَ راند گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڇوڪريون يا وڌيڪ به کيڏنديون آهن. پهرين ڇهه ئي ڪوڏيون کڙڪائي پٽ تي اڇلي، داءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. داءَ جو مطلب ٿيو ڇهه ئي ڪوڏيون اونڌيون پٽ تي پون. جنهن جون ڪوڏيون اونڌيون پيون، سا دائر ڪوڏي سان ٻين ڪوڏين کي چٽيندي. سڀئي ڪوڏيون چٽجي ويون ته هٿ جي آڱر بند ڪري وري ٻيو ڌڪ اڇليندي، ايستائين جو پنج ئي آڱريون بند ٿيڻ کانپوءِ وري ڌڪ اڇلي ڪوڏيون چُٽي، اهي آڱريون مٺ مان کوليندي، جيڪڏهن چٽڻ ۾ گُٿي ته ٻي ساهيڙي هلندي، پر جي پوريون سڀ ڪوڏيون مٿئين نموني چٽي وئي ته پوءِ هڻندي ڇئنڇڪتر (ڇهه ڇهن خاطر). اهو ڌڪ ڪوڏيون مٿي اڇلي انهن کي هٿ جي پٺ آڏي ڏئي ڇوڪريءَ کان پڇندي ته هاڻي ڪنهن کي چٽيان؟ هوءَ جيڪڏهن ڪوڏين جو ٻٽو جوڙو پيو هوندو ته ٻيون ڪوڏيون کڻي ڇڏيندي، اشارو ڪنديس ته هن ڏکيءَ ويٺل ڪوڏيءَ کي چُٽ! پوءِ جي چٽي وئي ته راند کٽيائين ۽ جي نه چٽي سگهي ته سندس ساهيڙي ڌڪ اڇليندي. هن راند ۾ پڇاڙيءَ تائين جنهن جو داءُ نه پيو ته چون ٻڌڙيءَ جا ٻارنهن لِنڊ آيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو